سڄي خاندان جي نالي هڪ ايڪڙ به زمين ناهي،جاچ ڪريو،شاهه

سکر(امداد علي ڪلوڙ ) سيد خورشيد احمد شاھ چيو آھي ته  مون وٽ ڪا به قبضي ھيٺ زمين  ناھي ڪو ثابت ڪري ڏيکاري ته سياست ڇڏي ڏيندس، منهنجي، زال يا پٽ سميت خاندان جي ڪنھن به فرد  جي نالي تي ھڪ ايڪڙ به زمين ناھي ڀلي جاچ ڪئي وڃي .ھن چيو ته 30 سالن کان اليڪشن ۾  کٽندو اچان ٿو عوام مونتي يقين ۽ ڀروسو ڪري ٿو، 30 سالن دوران ھڪ روپئي جي به ڪرپشن ناھي ڪئي. عوام جي خدمت کي پنھنجو منشور سمجھان ٿو. خورشيد شاھ چيو ته  سرڪاري زمينن تان قبضه ختم ڪرائي تعليمي ادارا  آئي بي اي  , ايس آئي يو  ٽي,  اسپورٽس ڪمپلس وومين يونيورسٽي جھڙا ادارا ٺاھيا. هن وڌيڪ چيو ته نيب طرفان مونکي ڪو به ليٽير ناھي مليو پر منھنجي اثاثن جي جانچ پڙتال ڪئي پئي وڃي. سکر جي عوام ايماندري جو مونکي سرٽيفڪٽ ڏنو آھي، نيب طرفان مونتي الزام بي بنياد آھن. خورشيد شاھ چيو ته  عوام جي خدمت ڪندڙ سياستدانن کي جيل ۾ وجھي ڇاٿو ثابت ڪيو وڃي سياستدانن کي ڊڄاري ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو