ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ چيو آهي ته عمران خان ملڪ جو سڀ کان وڏو چور ۽ لٽيرو آهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي امتياز شيخ چيو ته پنهنجون چوريون لڪائڻ لاءِ ٻين تي الزام هڻڻ عمران خان جي عادت آهي.هن چيو ته پنجاب جي ضمني چونڊن ۾ خيبرپختونخواهه جا سرڪاري وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن.امتياز شيخ جو چوڻ آهي ته عمران خان سريلنڪا جي معاشي پاليسين کي مثالي سڏيندو هو. پ پ اڳواڻ اهو به چيو ته عمران خان سري لنڪا جي پاليسين تي عمل ڪري ملڪ کي ڏيوالپڻي جي ڪناري تي پهچايو آهي.










