سڀ فيصلا منهنجي مرضي سان ٿين پيا، شجاعت

سڀ فيصلا منهنجي مرضي سان ٿين پيا، شجاعت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي صدر چوڌري شجاعت حسين پارٽي ۾ اختلافن جي خبرن تي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته سمورا سياسي فيصلا منهنجي مشاورت سان ڪيا ويا ۽ انهن کي منهنجي مڪمل حمايت حاصل آهي، اسان جو خاندان ۽ پارٽي هڪ پيج تي آهن، تنهن ڪري جيڪي اختلافن جون افواهون هلي رهيون آهن اهي غلط آهن. هن چيو ته پارٽي يا گهر ۾ سمورا فيصلا منهنجي مشاورت ۽ رضامندي سان ڪيا ويندا آهن، مان وضاحت تي يقين نه ٿو رکان، مان اهو چوڻ چاهيان ٿو ته مون کي خاندان جو سربراهه سمجهيو وڃي ٿو. جيڪي افواه پکيڙي رهيا آهن انهن کي مايوسي ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو