سڀني کي خبر آهي پوليس پروٽوڪول ۾ ڌاڙيلن جي دعوتن جي

سڀني کي خبر آهي پوليس پروٽوڪول ۾ ڌاڙيلن جي دعوتن جي

سکر (بيورو رپورٽ) جي ڊي اي اڳواڻ غوث بخش مهر چيو آهي ته سڀني کي خبر آهي ته شڪارپور ۾ پوليس سان گڏجي ڏوهارين وٽ ماني کائڻ ڪير ويندو آهي، موجوده مهانگائيءَ جون ذميوار اڳوڻيون حڪومتون آهن، مارچ تائين حالتون بهتر ٿي وينديو. اهڙو اظهار هن اليڪشن ٽربيونل سکر ۾ 2018ع واري چونڊن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.  ان کان اڳ ٽريبونل ۾ ايم اين اي غوث بخش خان مهر ۽ محمد ميان سومرو سميت ٻين جي ڪاميابي خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ٿي، جيڪا 16 مارچ تائين ملتوي ٿي وئي. غوث بخش مهر چيو ته پي ٽي آءِ طرفان اقتدار سنڀالڻ بعد ملڪي خزاني ۾ ايترا پئسا به نه هئا جو حڪومت هلي سگهي، جنهن تي مجبوريءَ مان آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻو پيو، حڪومت چئي رهي آهي ته مارچ مهيني تائين حالتون بهتر ٿي وينديون، تيستائين انتظار ڪرڻو پوندو. جڏهن ته شڪارپور ۾ بدامني جي حوالي سان سوالن جي جواب ۾ جي ڊي اي اڳواڻ چيو ته شڪارپور ۾ ڪرائيم تمام گهڻو آهي، ڪنهن کي خبر ناهي ته پوليس سان گڏ ڏوهارين وٽ وڃي ماني ڪير کائيندو آهي. ياد رهي ته ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر رضوان صوبائي وزير امتياز شيخ، مقبول شيخ ۽ سندن پٽن تي ڏوهارين سان واسطا هئڻ جو الزام لڳايو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو