سڀني ريل گاڏين جو گمبٽ اسٽاپ بحال ڪيو وڃي، ڀٽي

گمبٽ(ن سنڌيار) گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميديڪل سائنسز (گِمز) جي سربراهه ڊاڪٽر ڪيپٽن (ر) رحيم بخش ڀٽي چيو آهي ته گمبٽ ريلوي اسٽيشن تي سڀني ريل گاڏين جو اسٽاپ بحال ڪيو وڃي جيئن ملڪ جي مختلف صوبن ۽ شهرن کان جيري يعني لِور ٽرانسپلانٽ، دل جي جملي مرضن ۽ گردن جي مفت علاج لاءِ ايندڙ مريضن کي سهولت فراهم ڪري سگهجي. اهرو مطالبو هن اڄ گمبٽ ريلوي استيشن جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته مونکي خوشي ٿي آهي ته ريلوي انتظاميا علامه اقبال ۽ هزاره ايڪسپريس لاءِ گمبٽ ريلوي استيشن تي بيهڻ لاءِ اسٽاپ بحال ڪيو آهي. هن چيو ته هي فيصلو بهتر آهي پر مان ريلوي جي وزير کي گزارش ڪندس ته گمبٽ ريلوي اسٽيشن کي اپ گريڊ ڪيو وڃي ۽ سڀني ريل گاڏين لاءِ هن استيشن جو استاپ بحال ڪيو وڃي. هن چيو ته گمبٽ اسپتال ۾ دل ۽ گردن ج مفت علاج جي سهولت موجود آهي ۽ سڄو خرچ سنڌ حڪومت ڪندي آهي مريض جو هڪ روپيو به خرچ ناهي ايندو. هن چيو ته اسان وٽ ملڪ جي سڀني صوبن مان مريض اچن ٿا، پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه مان گهڻا مريض ريل گاڏي ذريعي ايندا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو