ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر 3 ڄڻا فوت

ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر 3 ڄڻا فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سپر هاءِ وي تي ٽرڪ موٽر سائيڪل سوارن کي چيڀاٽي ڇڏيو. حادثي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا ريسڪيو ذريعن موجب سپر هاءِ وي تي بحريه ٽائون ويجهو  گدرن سان ڀريل ٽرڪ موٽر سائيڪل  سوارن کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا.ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته فوت ٿي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو