سپريم ڪورٽ ۾ 2 نون ججن جي مقرري لاءِ اجلاس طلب

سپريم ڪورٽ ۾ 2 نون ججن جي مقرري لاءِ اجلاس طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ 2 خالي سيٽن تي نون ججن جي مقرري لاءِ اجلاس طلب ڪيو ويو.ذريعن موجب چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس 14 جون تي ٿيندو.ذريعن موجب جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس مسرت هلالي جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري تي غور ڪيو ويندو.ذريعن موجب سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جسٽس مسرت هلالي جو نالو تجويز ڪيو آهي.هن خط ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جو نالو به تجويز ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو