لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ راڻا مشهود چيو آهي ته جج پارليامينٽ جا قرضدار آهن، جيڪڏهن اهي پارليامينٽ جي عزت نٿا ڪن ته پارليامينٽ کي پنهنجو احترام ڪرڻو پوندو.لاهور جي علائقي گلشن راوي ۾ پنهنجي چونڊ آفيس جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا مشهود چيو ته سپريم ڪورٽ کي هاڻي خبر پئجي وڃي ته پارليامينٽ سپريم ادارو آهي.معيشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪرپٽ سياست ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي.هن چيو ته ڇا ٿيو، هڪ جنرل کي پنهنجو ابو سڏيندا آهن، جڏهن هو هليو ويندو آهي ته چيف جسٽس کي ابو سڏڻ لڳندا آهن.ثاقب نثار کي ڦاهيءَ تي لٽڪايو وڃي.ن ليگ اڳواڻ چيو ته نواز شريف جلد وطن واپس ايندو، انشاءَ الله پاڪستان ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهندو، نواز شريف کي نااهل ڪرڻ وارن جو اوپن ٽرائل ٿيڻ گهرجي ۽ آرٽيڪل 6 موجب سزا ملڻ گهرجي.راڻا مشهود چيو ته آئين موجب فيصلا نه ڪرڻ وارن تي غداري جو ڪيس هلايو وڃي جڏهن ته جج پارليامينٽ جا قرضدار آهن، جيڪڏهن اهي پارليامينٽ جي عزت نٿا ڪن ته پارليامينٽ کي پنهنجو احترام ڪرڻو پوندو.










