اسلام آباد(بيورو)اڳوڻي اٽارني جنرل عرفان قادر چيو آهي ته سپريم ڪورٽ پراسيڪيوشن ادارن جي نگراني نٿي ڪري سگهي، سپريم ڪورٽ هاڻي ايگزيڪيوٽو جي دائري ۾ وڃي رهي آهي.سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي تبصرو ڪندي عرفان قادر چيو ته ادارا وزيراعظم ۽ ڪابينا آڏو جوابده آهن، ايگزيڪيوٽو اٿارٽي وزيراعظم پاڪستان ۽ ڪابينا وٽ آهي.عرفان قادر چيو ته جن کي سپريم ڪورٽ ۾ طلب ڪيو ويو آهي انهن کي عدالت کي ٻڌائڻ گهرجي ها ته اهي رڳو وزيراعظم ۽ ڪابينا کي رپورٽ ڏين ٿا، آئين ۾ لکيل آهي ته وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا سپريم ڪورٽ کي جوابده نه آهن. هن چيو ته جڏهن وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا جو احتساب ناهي ته سندن ماتحتن جو احتساب ڪيئن ٿيندو؟










