سپريم ڪورٽ پاران اونهاري جي موڪلن  جي شيڊول جو اعلان

سپريم ڪورٽ پاران اونهاري جي موڪلن جي شيڊول جو اعلان

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سال 2026ع لاءِ اونهاري جي موڪلن (تعطيلات) جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اعلاميي موجب، عدالتي ڪارڪردگي وڌائڻ ۽ ٻڌڻي هيٺ (زيرِ التوا) ڪيسن جا جلد فيصلا ڪرڻ لاءِ نئون شيڊول تيار ڪيو ويو آهي، چيف جسٽس آف پاڪستان جي درخواست ۽ پاڻ ۾ صلاح مشوري کانپوءِ ججن هي وڏو فيصلو ڪيو. سپريم ڪورٽ جي ججن اونهاري جي موڪلن دوران اسلام آباد پرنسپل سيٽ تي ڪم جو وقت (دورانيو) وڌائڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي. اعلاميي ۾ چيو ويو آهي ته ماضي جي روايتن جي ابتڙ، هن ڀيري برانچ رجسٽرين ۾ ججن جي ويهڻ جو وقت گهٽ ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ججن پاران اصل ۾ ورتندڙ موڪلن جو دورانيو گذريل سالن وانگر 4 هفتا ئي رهندو. اعلاميي موجب، هنن نون انتظامن جو مقصد موڪلن دوران به ججن جي موجودگي ۽ ڪيسن جي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي ٻڌڻي کي يقيني بڻائڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو