اسلام آباد( رپورٽ اياز مهر) سپريم ڪورٽ جديد ٽيڪنالوجي استعمال ڪندي ويديو لنڪ ذريعي ڪيسن جي اليڪٽرانڪ ٻڌڻي شروع ڪري ڇڏي آهي. ترجمان پاري جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اسلام آباد جي پرنسپل سيٽ ۽ ڪراچي رجسٽري ۾ ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي ۽ اهڙي سهولت ٻين شهرن م پڻ شروع ڪئي ويندي. چيف جسٽس آصف سعيد کوسو جي سربراهي ۾ فل بينچ جنهن ۾ جسٽس سردار طارق مسعود ۽ جسٽس مظهر عالم خان ميان خيل شامل هئا تنهن ڪيسن جي سماعت ڪئي، جنهن دوران وڪيلن عدالت م حاضر ٿيڻ کانسواءِ ويديو لنڪ تي دليل ڏنا ۽ عدالت فيصلو پڻ ٻڌايو. چيف جسٽس، سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي ٽيم ۽ نادرا جي ٽيم جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته جديد ٽيڪنالوجي استعمال ڪرڻ سان وڪيلن ۽ درخواست گذارن جو وقت ۽ پيسو بچندا ۽ هي هڪ انصاف جي ترت فراهمي طرف هڪ قدم آهي.
مشهور خبرون










