سپريم ڪورٽ نيب جو رضاڪارانه واپسي وارو نوٽيس اڪلائي ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ آف پاڪستان نيب جو رضاڪارانه واپسي جو نوٽيس رد ڪري ڇڏيو.چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران دليل ڏيندي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته نيب 2022ع ۾ ترميم کانپوءِ سيڪشن 25 اي کي به ڏوهه سمجهيو ويندو، جيڪا سزا پلي بارگين ۾ ملي اها به هاڻي رضاڪارانه طور تي اچي رهي آهي.هن چيو ته رقم جي رضاڪاراڻي واپسي کانپوءِ 10 سالن تائين سرڪاري عهدن تي پابندي هوندي.پراسيڪيوٽر نيب چيو ته موجوده ڪيس جي ٻڌڻي نيب ترميم کانپوءِ ڪئي وڃي.ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته پاڻمرادو نوٽيس جو مقصد پورو ٿي ويو آهي.چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته نيب جي سمورين ترميمن کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ناهي ڪيو ويو، سرڪاري ملازم پئسا ڏئي صاف ٿي ويندو هو ۽ پوءِ اهو ئي ڪندو هو.سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته قانون ۾ موجود خامي کي دور ڪيو ويو آهي، هي نيب ترميم سٺي ترميم آهي، ڪيس سان لاڳاپيل ٻين درخواستن جي الڳ الڳ ٻڌڻي ڪئي ويندي.9 سيپٽمبر 2016ع تي سپريم ڪورٽ نيب ڪيسن ۾ رضاڪاراڻي رقم واپس ڪرڻ واري قانون جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو.رقم جي رضاڪاراڻي واپسي کانپوءِ آفيسرن جي ٻيهر ڀرتي جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو