عدالت موبائل فون لوڊ ڪرڻ تي ٽيڪس بحال ڪري ڇڏيو

اسلام آباد( بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ موبائل فون ۾ ڪارڊ لوڊ ڪرڻ تي ثاقب نثار جي دور ۾ ختم ڪيل ٽيڪس بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ تفصيلي ٻڌڻي بعد مختصر فيصلو ٻڌايو. هن ڪيس ۾ اٽارني جنرل ۽ صوبن جي نمائندا وڪيلن ٽيڪس بحال ڪرڻ جي مخالفت نه ڪئي. هڪ موقعي تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته آئين جي شق 184(3) هيٺ سپريم ڪورٽ کي عوام جي بنيادي حقن بابت از خود نوٽيس وٺڻ جو اختيار آهي ۽ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ يا واپس وٺڻ قانون سازي جو حصو آهي اهو ان دائري ۾ نٿو اچي. سپريم ڪورٽ جي سابق چيف جسٽس ثاقب نثار جون 2018 ۾ ازخود نوٽيس وٺي موبائل فون ڪارڊ لوڊ ڪرڻ تي اضافي ٽيڪس جي وصولي معطل ڪندي اسٽي آرڊر جاري ڪيو هو جيڪو اڄ عدالت ختم ڪندي ڪيس اڪلائي ڇڏيو. عدالت ريماڪرس ڏيندي چيو ته امير ترين ماڻهو تي ۽ ريڙهي واري تي هڪ جهڙو ٽيڪس نه هجڻ گهرجي، حڪومت ٽيڪس جو نظام بهتر ۽ آسان بنائي. پاڪستان ۾ موبائل فون استعمال ڪندڙن جو تعداد ساڍا پنج ڪروڙ کان مٿي آهي ۽ عدالتي حڪم تي ٽيڪس معطلي سبب 90 ارب روپين جو عوام کي ٽيڪس رليف مليو هو. اڳ ۾ موبائل فون تي 19.5 سيڪڙو فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي، 12.5 سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس ۽ 10 سيڪڙو سروس چارجز وصول ڪيا ويندا هئا، يعني 100 تي 42 روپيا ٽيڪس.

پهنجو تبصرو موڪليو