لاهور (ويب ڊيسڪ): سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽريءَ ۾ جج محمد هاشم خان ڪاڪڙ جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني فل بينچ 4 ڏينهن دوران تيز ترين عدالتي ڪارڪردگي ڏيکاريندي 305 ڪيس حل ڪري ڇڏيا آهن۔ 10 کان 13 آگسٽ تائين ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر ٿيل 412 ڪيسن مان 268 درخواستون رد، 18 منظور ۽ 3 ڪيس نمٽايا ويا، جڏهن ته 110 ڪيسن ۾ اڳئين ٻڌڻيءَ جون تاريخون مقرر ڪيون ويون آهن۔










