سپريم ڪورٽ لاءِ چيف جسٽس طرفان نامزد ڪيل 5 ججز جا نالا رد

سپريم ڪورٽ لاءِ چيف جسٽس طرفان نامزد ڪيل 5 ججز جا نالا رد

اسلام آباد(بيورو)چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چيف جسٽس طرفان نامزد 5 ججز جا نالا اڪثريت راءِ سان رد ڪيا ويا آهن ذريعن موجب سپريم ڪورٽ لاءِ چيف جسٽس طرفان نامزد ڪيل 5 ججز جي نالن تي جڊيشل ڪميشن جي ميمبرن اختلاف ڪيو، جنهن بعد جڊيشل ڪميشن جي ميمبرن ۾ ووٽنگ ڪرائي وئي ذريعن موجب چيف جسٽس جي نامزد ججز خلاف 5 ووٽ آيا ۽ مخالفت ۾ به 5 ووٽ اچڻ تي اجلاس ڪجهه دير لاءِ ختم ڪيو ويو ذريعن موجب جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس طارق مسعود، اٽارني جنرل ۽ قانون واري وزير مخالفت ۾ ووٽ ڏنا، سنڌ جي ٻن ججز بابت جسٽس رٽائرڊ سرمد جلال عثماني به مخالفت ۾ ووٽ ڏنو چيف جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس سجاد علي شاهه نامزدگين جي حق ۾ ووٽ ڏنا، جسٽس اعجاز الاحسن به نامزدگين جي حق ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته جسٽس رٽائرڊ سرمد جلال عثماني چيف جسٽس طرفان نامزد ڪيل 5 ججز مان ٻن جي حق ۽ ٽن جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو ذريعن موجب چار جي مقابلي ۾ 5 ووٽ مخالفت ۾ اچڻ تي جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ختم ڪيو ويو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو