راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته سپريم ڪورٽ عمران خان جي سازش جي بيانيي کي اڏائي ڇڏيو.راولپنڊي ۾ چونڊ جلسي سان خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته سپريم ڪورٽ جو ڪالهه رات تاريخي فيصلو آيو، جنهن فتني خان جي ڪوڙي سياست کي اڏائي ڇڏيو، پاڪستان جي تاريخ ۾ اهو پهريون سياستدان آهي، جنهن کي سپريم ڪورٽ ڪوڙو ۽ آئين ٽوڙيندڙ قرار ڏنو.هن چيو ته ايڪس ۽ وائي جون ڳالهيون ڪندڙ عمران خان پنهنجي اي بي سي ٺيڪ ڪري، اڄ ڌانڌلي جو پٽڻو پٽيندڙ حڪومت ۾ هڪ پيج تي هوندي سموريون ننڍيون چونڊون هارائي ويو.سندس چوڻ هو ته اتحادي حڪومت مجبوري ۾ ڏکيا فيصلا ڪيا، عمران خان ويندي ويندي بارودي سرنگهون وڇايو ويو، ن ليگ سر تريءَ تي رکي هڪ هڪ بارودي سرنگهه کي هٽايو آهي.مريم نواز چيو ته هاڻ ڏکيو وقت ويو، ايندڙ ڏينهن ۾ سٺيون خبرون ملنديون، اڄ شهباز شريف قوم سان خطاب ۾ پيٽرول سستو ڪرڻ جو اعلان ڪندو.










