سپريم ڪورٽ راڻا ثناءُ ڪيس ۾ پاڻمرادو نوٽيس وٺي: شهباز گل

سپريم ڪورٽ راڻا ثناءُ ڪيس ۾ پاڻمرادو نوٽيس وٺي: شهباز گل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گل چيو آهي ته مان سپريم ڪورٽ کي درخواست ڪريان ٿو ته راڻا ثناءُ الله ڪيس ۾ پاڻمرادو نوٽيس ورتو وڃي. هو اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ بغاوت جي ڪيس ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. شهباز گل سان گڏ پي ٽي آءِ اڳواڻ راجا خرم نواز ۽ اعظم سواتي به عدالت پهچي ويا. شهباز گل چيو ته راڻا ثناءُ الله ڪيس ۾ پنجاب پوليس ٿاڻن جا چڪر لڳائي رهي آهي، راڻا ثناءُ الله عدالتي نظام کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي.چون ٿا ته راڻا ثناءُ الله ڪنهن قانون جو پابند ناهي؟ ڇا پوليس ڪنهن جي ذاتي ملازم آهي؟ پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته آءِ جي اسلام آباد به عدليه جي توهين ڪري رهيو آهي، پوليس وارنٽ کڻي گهمي رهي آهي ۽ راڻا ثناءُ الله گهمي رهيو آهي.هن چيو ته مان ٻه مختلف پاڪستان ڏسي رهيو آهيان، عام ماڻهو آهيان ان ڪري ڪيس برداشت ڪري رهيو آهيان، جڏهن ته راڻا ثناءُ الله پنهنجي موقف جو غلط استعمال ڪيو آهي.شهباز گل جو چوڻ آهي ته راڻا ثناءُ الله پئسا ڪمايا، ڪرپشن ڪئي ۽ ڌانڌلي ڪئي، ڪوهسار پوليس سندس گرفتاري وارنٽ تي عمل ناهي ڪيو.هن وڌيڪ چيو ته گذريل 10 ڏينهن ۾ 4 پيشي ٿي چڪا آهن، مون کي هٿڪڙيون هڻي اسلام آباد جي عدالت ۾ آندو ويو.پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گل به چيو آهي ته عدالتي معاملو عدالت ۾ ئي رهڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو