سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ مارچ جو اعلان ڪندس: عمران خان

سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ مارچ جو اعلان ڪندس: عمران خان

پشاور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آھي تھ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ لانگ مارچ جو اعلان ڪنداسين، پھريان اسان جي تياري نھ ھئي، ھاڻي مڪمل تياري سان ميدان تي نڪرنداسين پشاور ۾ سوشل ميڊيا ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته راڻا ثناءُ الله ٻيهر ماڻهن کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، سڀ کان بزدل انسان ئي ظالم هوندو آهي، راڻاثناءُ الله 22 قتل ڪيا آهن هن چيو ته لانگ مارچ ۾ عورتن ۽ ٻارڙن تي شيلنگ ڪئي وئي، جيڪي شيل استعمال ڪيا ويا، اُهي رڳو دهشتگردن تي استعمال ٿيندا آهن هن چيو ته اسان سپريم ڪورٽ ۾ احتجاج جي حق جي حوالي سان درخواست داخل ڪئي آهي،عدالت جو فيصلو اچڻ کانپوءِ لانگ مارچ جو اعلان ڪنداسين عمران خان اعتراف ڪيو ته گذريل لانگ مارچ ۾ اسان جي تياري پوري نه هئي، هاڻي اسان مڪمل تياري ڪري ورتي آهي

پهنجو تبصرو موڪليو