سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف ٻڌڻي لاءِ وڏو بينچ جوڙڻ جي ضرورت ناهي

سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف ٻڌڻي لاءِ وڏو بينچ جوڙڻ جي ضرورت ناهي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف بينچ بابت اهم فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.پي ٽي سي ايل پينشنرز واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ وفاقي آئيني عدالت قرار ڏنو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف ڪيس ٻڌڻ جي لاءِ وڏو بينچ جوڙڻ ضروري نه آهي.چيف جسٽس وفاقي آئيني عدالت جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. انهي دوران پي ٽي سي ايل ملازمن طرفان اڳوڻو جج شوڪت عزيز صديقي عدالت ۾ پيش ٿيو. هن پنهنجي موقف ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ انهي معاملي ۾ فيصلو ڏنو هو جڏهن ته وفاقي آئيني عدالت جو موجوده 2 رڪني بينچ انهي ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهيو آهي.انهي موقعي تي چيف جسٽس وفاقي آئيني عدالت جسٽس امين الدين خان ريمارڪس ڏنا ته انهي حوالي سان عدالت جا ٻيا به ڪيترائي فيصلا موجود آهن. هن چيو ته اوهان بي فڪر رهو، اسان جو اهو 2 رڪني بينچ ئي ڪافي آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف ٻڌڻي لاءِ وڏي بينچ جوڙڻ جي ضرورت نه آهي.جنهن کان پوءِ عدالت پي ٽي سي ايل ملازمن بابت سمورن ڪيسز کي گڏ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. اها ٻڌڻي چيف جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس ارشد حسين شاهه تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو