اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ جي فيصلي تي ڏک ۽ افسوس ڪري سگهان ٿو. فيصلي سان سياسي ۽ آئيني بحران وڌيڪ سنگين ٿيندو.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران قانون واري وزير چيو ته 3 رڪني بينچ سياسي پارٽين، بارڪائونسلز جي مطالبي جي باوجود فيصلو ٻڌايو. سڀني چيو ته فل ڪورٽ هن ڪيس جو فيصلو ڏئي ها. گڏيل طور تي فيصلو ڪرڻ گهرجي ها.پريس ڪانفرنس کي خطاب دوران اعظم نذير تارڙ چيو ته چونڊ تاريخ جي فيصلي سان گڏ ئي هڪ ٻيو بينچ ٺاهيو ويو. عدالت سرڪلر يا ايگزيڪيوٽو آرڊر جي بجاءِ 6 رڪني بينچ جوڙي ڇڏيو آهي.قانون واري وزير چيو ته پاڻمرادو نوٽيس چار 3 سان رد ٿيو هو. انتهائي اهم معاملي کي حل ڪرڻ جي لاءِ فل ڪورٽ اجلاس جو مطالبو ڪيو هو. وسوسا ختم ڪرڻ لاءِ فل ڪورٽ جوڙيو وڃي ها.اعظم نذير تارڙ چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ سيڪيورٽي ۽ معاشي سان گڏ سياسي ۽ قانوني بحران به شامل ڪيا ويا آهن. سپريم ڪورٽ حڪومت جي سمورين درخواستن کي رد ڪري ڇڏيو. حڪومتي اتحاد سپريم ڪورٽ جي معاملن مان مطمئن نه آهي.قانون واري وزير سوال ڪيو ته سينئر ججز کي عدالتي معاملن کان ڇو ڌار رکيو ويندو آهي؟ چيف جسٽس کي درخواست ڪريون ٿا ته معاملن جي حل لاءِ فل ڪورٽ اجلاس گهرايو وڃي. اداري کي گڏ ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي.










