پنجاب ۾ چونڊ، عدالتي حڪم تي عمل شروع، شيڊول جاري

پنجاب ۾ چونڊ، عدالتي حڪم تي عمل شروع، شيڊول جاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن پنجاب اسيمبلي جي چونڊن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي.اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ پنجاب اسيمبلي جي چونڊن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب پنجاب ۾ چونڊون 14 مئي تي ٿينديون، نامزدگي ڪاغذن ۾ اپيلون جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 10 اپريل هوندي.نوٽيفڪيشن موجب اپيليٽ ٽربيونل 17 اپريل تائين اپيلن تي فيصلو ٻڌائيندو ۽ اميدوارن جي نظرثاني ٿيل لسٽ 18 اپريل تي جاري ڪئي ويندي.پڌرائي موجب نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ جي آخري تاريخ 19 اپريل هوندي ۽ 20 اپريل تي اميدوارن کي چونڊ نشان جاري ڪيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو