لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ردعمل ظاهر ڪيو آهي.پرويز الاهي چيو ته اڄ سپريم ڪورٽ جو تمام سٺو فيصلو آيو آهي، جيڪو چاهيون سو قبول ڪيو ويو، پنجاب اسيمبلي جو اجلاس ضابطن موجب ٿيندو. پرويز الاهي وڌيڪ چيو ته حمزه شهباز اهو به چيو ته سياسي مداخلت ۽ پوليس کي استعمال نه ڪيو ويندو، 22 جولاءِ تائين اسيمبلي مڪمل ٿي ويندي پوءِ چونڊون ڪرايون وينديون، اجلاس 22 جولاءِ تي اسيمبلي بلڊنگ ۾ ٿيندو پرويز الاهي چيو ته اڄ عدالت جي اندر جيڪو ماحول پيدا ٿيو آهي اهو عدالت ٻاهران به رهڻ گهرجي، اها ئي جمهوريت آهي.










