سپريم ڪورٽ آخري اميد آهي: شيخ رشيد

سپريم ڪورٽ آخري اميد آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد (بيورو عوامي مسلم ليگ جي سربراهه اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ آخري اميد آهي، جنهن کانپوءِ مرڪز ۽ صوبي ۾ بي اعتمادي نه رهندي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ شيخ رشيد چيو ته ضمير جي سوداگر آصف زرداري سياسي ۽ معاشي بحران کي خطرناڪ بڻائي ڇڏيو.هن چيو ته ماڻهو سياست کان نفرت ڪندا آهن جتي ميمبرن جي خريد و فروخت جي بازار هجي.شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته لاهور ۾ سمورو ڪم پلاننگ تحت ٿيو، سندن فتح به سندن ئي شڪست آهي.اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته ٻنهي خاندانن ۾ ويڙهه نواز شريف خاندان لاءِ به پيغام آهي.هن وڌيڪ چيو ته قوم ڏسي ته نواز شريف ۽ آصف زرداري هڪ آهن، فضل الرحمان گهرو ويڙهه جا بيان ڏئي رهيو آهي.عوامي مسلم ليگ جي سربراهه جو چوڻ هو ته ڊالر 250 ٿي ويو ته 10 ڪروڙ پاڪستاني غربت ۾ پئجي ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو