سپاف جي نون چونڊيل عهديدارن جي مان ۾ آجياڻو

ٽنڊوباگو (رپورٽ سھيل سمون) ٽنڊو باگو لڳ 70 جي موري ڳوٺ حاجي عارب ڪاتيار ۾ سپاف تعلقي ٽنڊو باگو جي اڳواڻ شيراز ڪاتيار جي طرفان سپاف ضلعي بدين جي نئين چونڊجي آيل باڊي ، صدر عرفان علي جمالي ، جنرل سيڪريٽري شهمير عيسي تبسم ، انفارميشن سيڪريٽري شاڪر چانڊيو جي مان ۾ آجياڻي جي تقريب منعقد ڪئي وئي ، تقريب جي شروعات اياز علي جوڻيجو تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي. آيل مهمانن کي مهتاب علي ڪاتيار جي طرفان آجياڻو ڏنو ويو.  ان موقعي تي يپلز يوٿ ونگ تعلقه ٽنڊو باگو جي انفارميشن سيڪريٽري امير معاويه ميمڻ ، نندو شهر کان نياز سيال ، تلهار کا ن فيضان جمالي ، احسن ڪهيري ، ڏئي شهر کان مبين کوسو ، ثاقب کوسو ، مزمل کوسو ، ذوالفقار جت ، رضوان ،،ڪامران سميت دوستن ڀرپور شرڪت ڪئي. هن پر وقار تقريب ۾ آيل معززين کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪن جا تحفا ڏنا ويا. ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه مسڪين ۽ غريبن جي پارٽي آهي ۽ انشاالله بدين ضلعي ۾ سپاف جا دو ست ڀرپور محنت ڪندا ۽ هتان جي عوام سان هر وقت گڏ هوندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو