اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان اسپيس اينڊ اپر ائٽموسفيئر ريسرچ ڪميشن (سپارڪو) ماهه صفر 1448 هجري جي چنڊ نظر اچڻ (رويت) بابت اڳڪٿي جاري ڪري ڇڏي آهي.سپارڪو موجب، ماهه صفر 1448 هجري جو نئون چنڊ 14 جولاءِ 2026ع تي پاڪستان جي معياري وقت مطابق منجهند جو 2 وڳي 44 منٽن تي پيدا ٿيندو. اداري جو چوڻ آهي ته 15 جولاءِ تي سج لهڻ وقت چنڊ جي عمر لڳ ڀڳ 29 ڪلاڪ ۽ هڪ منٽ هوندي، جڏهن ته پاڪستان جي ساحلي علائقن ۾ سج لهڻ (غروبِ آفتاب) ۽ چنڊ لهڻ (غروبِ ماهتاب) جي وچ ۾ لڳ ڀڳ 65 منٽن جو وقفو متوقع آهي، جيڪو چنڊ نظر اچڻ لاءِ سازگار حالتن جي نشاندهي ڪري ٿو. سپارڪو موجب، انهن فلڪياتي عنصرن جي بنياد تي 15 جولاءِ 2026ع جي شام جو صفر جو چنڊ نظر اچڻ جا امڪان تمام گهڻا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ پهرين صفر 1448 هجري خميس ڏينهن، 16 جولاءِ 2026ع تي ٿيڻ جي اميد آهي ۽ ان سان گڏ ئي محرم الحرام جو مهينو پڄاڻي تي پهچندو. تنهن هوندي به سپارڪو واضح ڪيو آهي ته صفر جي چنڊ نظر اچڻ ۽ نئين اسلامي مهيني جي شروعات جو حتمي اعلان مرڪزي رويتِ هلال ڪميٽي پاڪستان پاران ملندڙ شرعي شاهدين جي بنياد تي ڪيو ويندو.










