سِهڙا مائينر کي 60 فوٽ گهارو، ڳوٺ ۽ فصل پاڻي هيٺ

ٺاروشاهه (اسد شاهه) سھڙا مائينر ۾ آر ڊي 64 جي مقام تي 60 فوٽ گھارو پئجي ويو جنهن جي ڪري پاڻي ڳوٺ ڇٽو کوسو ۾ ڪاھي پيو ۽ ڀرپاسي ۾  زرعي زمين ۾ پاڻي پھچي ويو جتي ڳوٺاڻن پاڻ ھمت ڪري پيل گھارو بند ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺ ڇٽوکوسو جي  ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ايريگيشن عملي جي نااھلي جي ڪري 15 ڏينهن جي اندر ٻيو دفعو سھڙا شاخ ۾ گھارو پيو آهي جنهن جي ڪري اسان جو لکن جو نقصان ٿي ويو آهي دانھون ڪرڻ باوجود اسان جي ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. ھنن وزير اعليٰ سنڌ کان مطالبو ڪيو ته نااھل ايريگيشن انجنيئر کي فوري طور هٽائي هر ڀيري ٿيندڙ نقصان کان بچايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو