اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي معاون خصوصي اطلاعات فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ آهي ته سي پيڪ پاڪستان جي ترقي جو ضامن آهي ۽ منصوبي جي حوالي سان آمريڪي خدشن سان اتفاق نه ٿا ڪيون. 2 ڏينهن اڳ آمريڪا جي نائب معاون وزير خارجه ايلس ويلز چيو هو ته چين مختلف ملڪن کي اهڙن معاهدا ڪرڻ تي مجبور ڪري رهيو آهي جيڪي ان جي فائدي ۾ ناهن. ايلس ويلز جو اهو به چوڻ هو ته پاڪستان کي چين سان چائنا پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) منصوبي جي شفافيت سميت سخت سوال ڪرڻا پوندا. گذريل ڏينهن وفاقي وزير منصوبابندي اسد عمر به ان حوالي سان وضاحت ڪندي چيو هو ته ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سي پيڪ خلاف کوڙ ساريون سازشون ٿي رهيون آهن آمريڪي حڪومت شامل هئي يا نه اهو مان نه ٿو چئي سگهان ليڪن ايلس ويلز جو سي پيڪ متعلق تجزيو حقيقت تي مبني ناهي. فردوس عاشق اعواڻ سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سي پيڪ اسان جي پهرين ترجيح آهي اها عظيم راهداري پاڪستان ۽ چين نه پر سڄي خطي جي اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي جا نوان رستا کوليندو. فردوس عاشق اعواڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته اهو منصوبو اسان جي اقتصادي ترقي جو ضامن آهي ان منصوبي جي حوالي سان آمريڪا جي خدشن سان اتفاق نه ٿا ڪيون. هن چيو ته چين اسان جو ويجهو دوست آهي هن هر آزمائش گهڙي ۾ اسان سان بيٺو رهيو آهي ماکي کان مٺي، هماليه کان مٿي ۽ سمنڊ کان گهري پاڪ چين دوستي دنيا ۾ هڪ مثال بڻجي ويو آهي. هن چيو ته سي پيڪ سان اقتصادي زون جو قيام عوام لاءِ خوشحالي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪندو ۽ چين کان ورتل ڪمرشل قرضن ۾ به ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ گهٽتائي نظر ايندي.










