ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروائي ڪندي 5 مبينه ٽارگيٽ ڪلرز کي گرفتار ڪري ورتو. ڪائونٽر ٽيرارزم ڊپارٽمينٽ جي اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته مبينه ٽارگيٽ ڪلرز جو تعلق ايم ڪيو ايم لنڊن سان آهي ۽ هو ٽارگيٽ ڪلرز اجمل پهاڙي ۽ ڪاشف ڊيوڊ جا ويجها ساٿي آهن. سي ٽي ڊي موجب جوابدار ڀارتي ڳجهي ايجنسي کان تربيت به حاصل ڪري چڪا آهن. جوابدارن کي 3 مختلف ڇاپا مار ڪارروائين دوران گرفتار ڪيو ويو. ٻه مهينا اڳ به ڪراچي ۾ پوليس اهلڪارن سميت ڪيترن ئي ماڻهن جي قتل ۾ ملوث ٻن مبينه ٽارگيٽ ڪلرز کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي.پوليس موجب جوابدار ڪراچي ۾ تعليم کاتي جي ٻن آفيسرن جي قتل ۾ به گهربل هئا. ڪائونٽر ٽيررازم پوليس موجب ٻنهي ٽارگيٽ ڪلرز کي پاڪ ڪالوني جي علائقي مان گرفتار ڪيو ويو آهي جوابدارن جو تعلق متحده قومي موومينٽ لنڊن سان هو آهي.










