ڪراچي(پ ر )سي اي او واٽر ڪارپوريشن احمد علي صديقي جي صدارت هيٺ شھر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي نظام بابت هڪ اهم اجلاس ٿي گذريو جنهن ۾ چيف انجنيئرز سميت سمورن ضلعن جي سپرنٽينڊنگ انجنيئرن شرڪت ڪئي. ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب اجلاس جو مقصد شھر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي نظام کي وڌيڪ مؤثر، پائيدار ۽ شهري ضرورتن سان هم آهنگ بڻائڻ هو. اجلاس ۾ پاڻي جي ترسيل، نيڪالي، جاري منصوبن، عوامي شڪايتن ۽ سامهون ايندڙ چئلينجن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. ان موقعي تي سي اي او واٽر ڪارپوريشن جو چوڻ هو تہ شھرين کي بنا ڪنھن رڪاوٽ پاڻي جي فراهمي اسان جي پهرين ترجيح آهي ۽ ان مقصد جي حاصلات جي لاءِ ڪنھن بہ قسم جي غفلت يا لاپرواهي هرگز برداشت نہ ڪئي ويندي. ھن آفيسرن کي سختي سان ھدايت ڪئي تہ نيڪالي جي مسئلن بابت ملندڙ شڪايتن تي فوري ڪارروائي ڪئي وڃي تہ جيئن شھرين کي ڪنھن تڪليف يا پريشاني کي منهن ڏيڻو نہ پوي. سي اي او چيو تہ شھرين کي بھتر سهولتون مهيا ڪرڻ اسان جي اجتماعي ذميواري آهي جيڪا هر قيمت تي پوري ڪئي ويندي. ھن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ پاڻي جي فراھمي ۽ نيڪالي جي نظام ۾ بھتري آڻڻ لاءِ جديد ٽيڪنيڪي طريقا اختيار ڪيا وڃن ۽ سمورين فيلڊ ٽيمن کي فعال ۽ متحرڪ رکيو وڃي تہ جيئن ڪنھن بہ هنگامي صورتحال جو اثرائتي طريقي سان مقابلو ڪري سگھجي. سي اي او واٽر ڪارپوريشن آخر ۾ ھن عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو تہ ادارو شھرين کي بھتر خدمتون فراھم ڪرڻ لاءِ ھر ممڪن قدم کڻندو ۽ سمورن شعبن ۾ شفافيت ۽ اثرائتي نظام کي يقيني بڻايو ويندو تہ جيئن عوام کي بھتر سهولتون حاصل ٿي سگھن.










