ڪراچي (پ ر ) سي اي او واٽر بورڊ انجينئر سيد صلاح الدين احمد ۽ سي او او واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان پاران پنهنجي جاري ڪيل تعزيتي پيغام ۾ ٽيڪس انسپيڪٽر واٽر بورڊ فياض احمد سومرو جي وڏي ڀاءُ ايڊووڪيٽ رب نواز سومرو جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي مرحوم جي وڇوڙي کي سوڳوار خاندان لاء نہ وسرندڙ صدمو ۽ وڏو نقصان قرار ڏيندي چيو تہ ڏک جي هن گهڙي ۾ واٽر بورڊ جا سمورا آفيسر ۽ ملازم فياض احمد سومرو سميت مرحوم جي سڄي خاندان سان برابر جا شريڪ آهن، الله تبارڪ تعالي مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا فرمائي، ان جي مغفرت فرمائي، ان جا درجات بلند فرمائي ۽ مرحوم جي سمورن سوڳوارن، پونيئرن کي صبر و جميل جي توفيق عطا فرمائي آمين










