ڪراچي (پ ر ) سي اي او / ايم ڊي واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين پاران ورلڊ بينڪ جي وفد سان گڏ ڪي فور انٽيڪ پوائنٽ چليا ٺٽي جو دورو ڪري گريٽر ڪراچي بلڪ واٽر سپلائي اسڪيم ڪي فور فيز ون منصوبي تي ھلندڙ پيش رفت ۽ جاري ڪمن جو تفصيل معائنو ۽ جائزو ورتو، جڏھن تہ دوري جي دوران واٽر بورڊ جي بلڪ واٽر سسٽم سميت ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن ۽ پپري فلٽر پلانٽ جو پڻ معائنو ڪيو ويو، ان موقعي تي ورلڊ بئنڪ جي وفد ۾ ڪنٽري ڊائريڪٽر پاڪستان ناجي بناسين (Najy Benhassine) ۽ آپريشنز مئنيجر فار پاڪستان گيليس ڊروگيليس (Gailius Draugelis) شامل ھئا جڏھن تہ دوري جي دوران سي او او واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان، چيف انجنيئر بلڪ سڪندر زرداري، چيف انجنيئر اي اينڊ ايم انتخاب احمد راجپوت، پي ڊي ڪي فور واپڊا عامر مغل سميت واٽر بورڊ ۽ واپڊا جا ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا، دوري جي موقعي تي سي او او واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان ۽ پي ڊي ڪي فور واپڊا عامر مغل پاران ڪي فور منصوبي جڏهن تہ چيف انجنيئر اي اينڊ ايم پاران ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن بابت ورلڊ بينڪ جي وفد کي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، دوري جي موقعي تي سي او او واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان پاران بريفنگ ڏيندي ٻڌايو تہ گريٽر ڪراچي بلڪ واٽر سپلائي اسڪيم ڪي فور فيز ون منصوبي جو بنيادي مقصد ڪراچي ۾ پاڻي پهچائڻ واري نظام کي وڌيڪ موثر ۽ پائيدار بڻائڻ آهي، ڪي فور منصوبو فيز ون 260 ايم جي ڊي ٺٽي ۽ ملير ضلعن ۾ تعمير هيٺ آهي، منصوبو 100 ڪلوميٽر پري يعني ڪينجهر ڍنڍ ٺٽي مان پاڻي جي ٽن ذخيرن (ريزروائر) جي مدد سان ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪري سگهندو، پي ڊي ڪي فور واپڊا عامر مغل بريفنگ ڏيندي ٻڌايو تہ ڪي فور منصوبي تحت 650 ايم جي ڊي جو اسٽريڪچر تعمير ھيٺ آھي ۽ 650 ايم جي ڊي جو هڪ گريوٽي چينل ڪينجهر پمپنگ ڪمپليڪس تائين تعمير ڪيو ويندو، 260 ايم جي ڊي ڪي فور منصوبي جي تحت 3 ذخيرن (ريزروائر) ۽ پمپنگ اسٽيشنون نادرن باءِ پاس اين ئي ڪي اولڊ ۽ پپري فلٽر پلانٽ جي ويجهو تعمير ڪيون وينديون، ھن جو چوڻ هو تہ ڪي فور منصوبي کي جلد از جلد مڪمل ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ان سلسلي ۾ منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ لاء هنگامي بنيادن تي قدم کنيا پيا وڃن انشاءالله منصوبو پنهنجي مقررہ وقت تي مڪمل ڪيو ويندو، ان موقعي تي سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد چيو تہ ڪراچي شهر ۾ پاڻي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪي فور نھايت ئي اهم منصوبو آهي، ھن جو چوڻ هو تہ ڪي فور منصوبي سان شهرين کي پاڻي جي فراهمي جي نظام کي وڌيڪ بهتر بنائڻ ۽ انهن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ملندي، سي اي او واٽر بورڊ پاران واپڊا اختيارين طرفان ڪي فور منصوبي تي تيزي سان ٿيندڙ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي وڌيڪ چيو تہ ڪي فور منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ واپڊا سان مڪمل سهڪار ۽ ڀرپور تعاون ڪيو ويندو، ھن چيو مون کي پوري اميد آهي تہ واپڊا اختياريون پنھنجي صلاحيتن ۽ مھارت سان ڪي فور منصوبي کي مقررہ وقت اندر مڪمل ڪري وٺنديون، واضح رهي تہ ڪي فور منصوبو ڪينجهر ڍنڍ درياه سنڌ مان ڪراچي کي روزانو 650 ملين گيلن پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي، جڏھن تہ ڪي فور منصوبي جي پهرين مرحلي جي مڪمل ٿيڻ سان ڪراچي شهر کي روزانو 260 ملين گيلن پاڻي فراهم ٿيندو، وفاقي حڪومت پاران ھن منصوبي جي پهرين مرحلي کي تعمير ڪرڻ جي ذميواري واپڊا کي ڏني وئي آھي.










