سي ايم هائوس ٻاهران استادن تي تشدد، گرفتاريون ۽ وضاحت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سي ايم هائوس ٻاهران احتجاج ڪندڙ ليڪچررز ۽ پروفيسرز تي پوليس جي لٺبازي، عورتن سميت ڪيترن ئي استادن جي تذليل ڪندي کين گهلي پوليس موبائيلز ۾ وجهي کنڀي وئي. حڪومت پاران ڪيترا ڀيرا واعدو ڪرڻ باوجود ٽائيم اسڪيل ۽ پروموشن نه ڏيڻ خلاف صوبي جي مختلف شهرن کان پهتل ڪاليجز جي ليڪچررز ۽ پروفيسرز  ڪراچي ۾ سي ايم هائوس آڏو ڌرڻي لاءِ پهتا ته پوليس اٽالا پهچي ويا. استادن جي احتجاج سبب روڊ بلاڪ ٿي ويو. پوليس روڊ کولرائڻ لاءِ احتجاجي استادن تي ڪڙڪي پئي ۽ مٿن لٺبازي شروع ڪري ڏني.

ڪاليجي استادن جو ڪراچي ۾ ڌرڻو، فوٽو سنڌيار

جنهن بعد عورتن سميت 20 کان وڌيڪ استادن کي حراست ۾ ورتو ويو. کين گهلي موبائيل ۾ وجهي کنڀيو ويو. جنهن بعد سمورا استاد واپس پريس ڪلب اچي ويا، جتي هنن پنهنجو احتجاج جاري رکيو آهي ۽ سپلا اڳواڻن وچ ۾ اڳتي جي حڪمت عملي جوڙڻ بابت  مشاورت ڪئي. سپلا اڳواڻ هوت خان جمالي ۽ ٻين چيو آهي ته پوليس لٺبازي دوران عورت پروفيسرز ۽ ليڪچرز جي تذليل ڪئي آهي. ڪنهن به صورت ۾ احتجاج ختم نه ڪنداسين. احتجاجي ڪئمپ قائم ڪنداسين، جتي مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جاري رهندو.

ڪاليجي استادن جو ڌرڻو، فوٽو سنڌيار

هوڏانهن سي ايم هائوس جي ترجمان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سرڪاري ڪاليج جي استادن جي گروپ احتجاجي ريلي ڪڍي اهم روڊن کي بلاڪ ڪيو ۽ شهر جي ريڊ زون ۾ عام پابندين جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ عام ماڻهن کي پريشاني ڪيو ويو ۽ استادن جي اهڙي حرڪت سبب ناخوشگوار صورتحال پڻ پيدا ٿي. استادن جو گروپ ٽائيم اسڪيل ذريعي ترقين جو مطالبو ڪري رهيو آهي. ان جو مقدمو پهرين ئي 2017 کان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سماعت هيٺ آهي جتي سنڌ حڪومت کي فريق بڻايو ويو آهي. ڪيس جي گذريل ٻڌڻي جيڪا پهرين نومبر 2019 تي منعقد ٿي جنهن ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ 15 نومبر 2019 تي ٻڌڻي جي تاريخ مقرر ڪئي ۽ ڪاليج ايجوڪيشن کاتي کي چيو ته هو ڪاليج جي استادن کي 2017 کان ڏنل پروموشن جا تفصيل پيش ڪري.

سنڌ جي ڪاليجي استادن جو ڌرڻو، فوٽو سنڌيار

واضح رهي ته سنڌ حڪومت ڪاليج جي استادن جي خراب ڪارڪردگي ۽ سرڪاري ڪاليجن جي تمام گهڻي خراب امتحاني نتيجن سبب ڪاليج جي استادن جي باقاعدگي سان ترقيون ڏنيون پيون وڃن. ريڪارڊ لاءِ واضح رهي ته پهرين نومبر 2019 تي سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن 410 ڪاليج جي استادن کي گريڊ 17 مان گريڊ 18 ۾ ترقي ڏني. ان کان پهرين 2018 ۾ 600 ڪاليج جي استادن کي گريڊ 18 ۾ ترقي ڏني وئي هئي. جڏهن ته گذريل 3 سالن ۾ 400 ڪاليج جي استادن کي گريڊ 18 مان گريڊ 19 ۾ ترقي ڏني وئي اهڙي ريت 59 ڪاليج جي استادن کي گريڊ 19 مان گريڊ 20 ۾ 2 سالن ۾ ترقي ڏني وئي. ان سان گڏوگڏ 150 ڪاليج جي استادن کي گريڊ 19 جي ترقين لاءِ ڪيس تيار آهن ۽ 65 ڪاليج جي استادن جي گريڊ 20 ۾ ترقي ڏيڻ بابت ڪاغذ تياري جي مرحلن ۾ آهن جيڪي ايندڙ ڪجهه هفتن تائين عمل هيٺ ايندا. تعليم جي مفاد ۾ وڏي وزير پهريون ئي سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي چڪو آهي جيڪا سنڌ جي سڀني سرڪاري ڪاليجن ۾ سينئر ڪاليج استادن جي سيٽن جي تعداد ۾ واڌ لاءِ غور ويچار ڪري رهي آهي. ڪميٽي 29 ۽ 31 آڪٽوبر 2019 تي ڪاليج استادن جي نمائندن سان اجلاس به منعقد ڪيو. هڪ اجلاس سيڪريٽري ڪاليجز 30 آڪٽوبر 2019 تي ترقين بابت وڪيلن سان پڻ منعقد ڪيو جنهن ۾ سيڪريٽري استادن کي خاطري ڪرائي ته کين سمورن جائز مطالبن تي مالي صورتحال ۽ صوبي جي تعليمي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي همدردي سان غور ڪيو ويندو. استادن کي ٻڌايو ويو ته ٽائيم اسڪيل جو ڪيس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آهي ان ڪري ڪاليج جي استادن کي ڪيس جي فيصلي جو انتظار ڪرڻو پوندو. هتي اهو واضح ڪرڻ ضروري آهي ته ڪاليج ايجوڪيشن کاتي تازو 2500 نون ڪاليج جي استادن جي ڀرتي لاءِ  سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي درخواست ڪئي آهي جنهن ۾ مخلتف مضمونن جا 1500 ليڪچرار شامل آهن. احتجاجي استاد نون ليڪچرارن جون سيٽون ختم ڪري يونيورسٽيز مان نوجوان تازو گريجوئيٽس لاءِ ملازمتن جا دروازا بند ڪرڻ چاهين ٿا.

پوليس جو استادن تي تشدد، فوٽو سنڌيار

هلندڙ استادن جو احتجاج موجوده قاعدن جي ڀڃڪڙي ڪندي پنهنجيون ترقيون چاهين ٿا. استادن جو هي گروپ ڪاليجن ۾ ٽيچنگ ۽ پڙهائي واري عمل کي متاثر ڪري رهيو آهي ۽ اهو پڻ ان وقت جڏهن تعليمي سرگرميون عروج تي آهن. ان موقعي تي جڏهن تعليم يا امتحان مٿان هجن ته احتجاج مان ظاهر ٿئي ٿو ته استادن ۾ موجود ڪجهه ٽولا تعليم دوست نه آهن. ڪاليج ايجوڪيشن کاتي اهڙي طرح جي ماڻهن ۽ گروپ جي غير تعليمي سرگرمين تي پنهنجي مايوسي جو اظهار ڪيو آهي. حالانڪه حڪومت ايجوڪيشن فرينڊلي ٽيچر کي پنهنجي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته سندن جائز ضرورتون ۽ مطالبا سنڌ ۾ معياري تعليم جي مفاد ۾ هجڻ گهرجن.

پهنجو تبصرو موڪليو