سي او واٽر بورڊ جو طاهر عزيز جي والد جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

سي او واٽر بورڊ جو طاهر عزيز جي والد جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سي اي او واٽر بورڊ انجينئر سيد صلاح الدين احمد ۽ سي او او واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان پاران پنهنجي جاري ڪيل تعزيتي پيغام ۾ ناليواري سينيئر صحافي ۽ اسٽاف رپورٽر روزاني جنگ ڪراچي طاهر عزيز جي والد محترم جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي مرحوم جي وڇوڙي کي سوڳوار خاندان سميت لاء نہ وسرندڙ صدمو ۽ وڏو نقصان قرار ڏيندي چيو تہ ڏک جي هن گهڙي ۾ واٽر بورڊ جا سمورا آفيسر ۽ ملازم طاهر عزيز سميت مرحوم جي سموري خاندان سان برابر جا شريڪ آهن، الله تبارڪ تعالي مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا فرمائي، ان جي مغفرت فرمائي، ان جا درجات بلند فرمائي ۽ مرحوم جي سمورن سوڳوارن، پونيئرن کي صبر و جميل جي توفيق عطا فرمائي آمين

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو