سي آءِ اي جي ننڍي منشي وٽان 37 ڪلو چرس برآمد

سي آءِ اي جي ننڍي منشي وٽان 37 ڪلو چرس برآمد

ڪوٽڙي (ن سنڌيار) سائيٽ پوليس سي آءِ اي سينٽر جي ننڍي منشي عبدالجبار سولنگي جَي ڪمري مان چرس سان ڀريل ڪٽو هٿ ڪيو آهي، جنهن جو وزن تقريبن 37 ڪلو گرام آهي، واقعي جو سرڪاري فرياد تي ننڍي منشي عبدالجبار خلاف هڪ وڌيڪ ڪيس داخل ڪيو ويو، منشيات اسڪينڊل ۾ سي آءِ اي سينٽر ڄامشورو جا 7 اهلڪار اڳ ۾ ئي ڪراچي پوليس جِي تحويل ۾ آهن، جيڪي 65 ڪلگرام چرس پوليس موبائيل ۾ کڻي سيرين جناح ڪالوني ۾ وڪڻڻ لاءِ وڇڻ وقت بوٽ بيسن پوليس هٿان گرفتار ٿيا هئا، سينٽر انچارج سرور راهپوٽو، وڏو منشي اصغر پنهور ۽ جبار سولنگي اڃا تائين روپوش آهن. ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران جوڙيل ڪميٽي منشيات اسڪينڊل بدران رڳو سي آءِ اي سينٽر عملدارن جي ڪارڪردگي جاچڻ جو ڪم به مڪمل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو