لاهور(ويب ڊيسڪ)لاهور جي ڊپٽي ڪمشنر مينار پاڪستان تي جلسي جي حوالي سان پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جي قيادت کي خط لکيو آهي ڊپٽي ڪمشنر لاهور خط ۾ چيو آهي ته مينار پاڪستان جلسي ۾ سيڪيورٽي خدشا آهن ڊپٽي ڪمشنر لاهور چيو ته تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪري، جلسي گاهه نه اچي










