ڪراچي: ( اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ڪراچي يونيورسٽي ۾ سيڪيورٽي گارڊ پاران شاگرد تي تشدد جي معاملي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ان حوالي سان يونيورسٽيز واري صوبائي وزير اسماعيل راهو سيڪريٽري يونيورسٽيز ۽ وي سي ڪراچي يونيورسٽي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ان معاملي تي اسماعيل راهو چيو ته دهشتگردي جي تازي لهر سبب اسان غير معمولي صورتحال مان گذري رهيا آهيون پر چيڪنگ جي نالي تي ڪنهن به قسم جي تشدد جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته نئين حالتن ۾ سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ انتظام ڪرڻ لازمي آهن پر انهن انتظامن جي ڪاميابي لاءِ يونيورسٽي سان لاڳاپيل ماڻهن جو هڪٻئي سان سهڪار ۽ اعتماد ضروري آهي. سنڌ جي يونيورسٽيز واري صوبائي وزير چيو ته شاگرد اسان جي ملڪ ۽ قوم جو مستقبل ۽ سرمايو آهن، تعليم ۽ تدريس سان گڏ انهن جي حفاظت به حڪومت جي اولين ترجيح آهي.










