سيڪورٽي فورسز تي حملو، وانا ۾ ڪرفيو لاڳو

سيڪورٽي فورسز تي حملو، وانا ۾ ڪرفيو لاڳو

وانا(ويب ديسڪ) سيڪورٽي فورسز تي حملا ڪندڙ ن جي ڳولا لاءِ ڏکڻ وزيرستان جي هيڊ ڪوارٽر وانا ۾ مقامي انتظاميه اڻ ڄاتل مدي تائين ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. اسسٽنٽ ڪمشنر جي آفيس مان جاري ڪيل بيان م ٻڌايو ويو آهي ته آچر رات ٿيل حملي جي ملزمن جي ڳولا جاري آهي ۽ سندن گرفتاري تائين وانا بازار بند رهندي. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته امن ڪميٽين جي هٿيار بند ماڻهن پنهنجون آفيسون بند ڪري ڇڏيون آهن. عوام کي سيڪورٽي فورسز سان تعاون جي اپيل ڪئي وئي آهي ۽ بازار کان پري رهڻ جو چيو ويو آهي. ياد رهي ته حملي ۾ ايف سي جي گاڏي فٽ ٿيل ڌماڪيدار مادي سبب تباهه ٿي هئي جنهن ۾ 2 اهلڪار شهيد ۽ 5 زخمي ٿيا هئا. مقامي ماڻهن موجب وانا ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستن تي ڪنڊيدار تار لڳائي رستا بند ڪيا ويا آهن ۽ بازار ۾ تلاشي جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو