سيڪريٽ ايڪٽ پاڪستان جي آئين جي سنگين ڀڃڪڙي آهي

سيڪريٽ ايڪٽ پاڪستان جي آئين جي سنگين ڀڃڪڙي آهي

حيدرآباد (پ ر ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، عمراہ سمون، سنڌو مڱڻھار ۽ حسنہ راھوجو پنھنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي تہ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ پاڪستان جي آئين جي سنگين ڀڃڪڙي آهي. آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ سان انساني حقن جي سڌي سئين لتاڙ ٿيندي. هڪڙي طرف اسيمبلين مان عوام دشمن بل پاس ڪيا پيا وڃن تہ ٻئي طرف ڊجيٽل آدمشماري جي منظوري جون تياريون هلندڙ آهن. سنڌ سميت ملڪ جي ننڍن صوبن جو عوام وقت کان اڳ غيرقانوني طور ٿيل ڊجيٽل آدمشماري کي مڪمل طور تي رد ڪري چڪو آهي. تڪراري ڊجيٽل آدمشماري کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل مان منظوري ڏيڻ عوام سان مذاق هوندو. اڳواڻن چيو تہ پي ڊي ايم جي گڏيل حڪومت رات وچ ۾ پيٽرول جا اگھ وڌائي عوام کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آھي. مھانگائي جي ڪري ماڻھو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن. عوامي ادارن کي نجي ڪمپنين ۽ وڏن وڏن سرمائيدارن کي وڪرو ڪيو پيو وڃي. سنڌ جي زمينن تي والار جاري آهي. ڪارونجھر ۽ کير ٿر جبل سميت سنڌ جا وسيلا ۽ اختيار سنڌين کان ڦريا پيا وڃن. سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ، سنڌ جي معدنيات جي نيلامي، سنڌ جي اختيارن تي ڌارين جي قبضي سميت سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ناپاڪ سازش ڪاڇي، ڪوھستان جي زمينن تي زبردستي قبضن سان گڏ ڪراچي جون سترنھن ديھون سٽلائيٽ ٽائون حوالي ڪرڻ سميت سنڌ دشمن منصوبن جي پيپلز پارٽي سهولتڪار بڻيل آهي. عوامي تحريڪ مطالبو ٿي ڪري تہ سنڌ جي زمينن کي ڌارين حملي آورن کي ترقي جي نالي ۾ ڏيڻ بدران اهي زمينون سنڌ جي بي زمين هارين کي ڏئي سنڌ کي معاشي طور خوشحال ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ گهرجن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو