سکر(امداد علي ڪلوڙ) پاڪستان تحريڪ انصاف سکر ريجن جي اڳوڻي آرگنائيزر ڊاڪٽر ربنواز ڪلوڙ چيو آھي ته پي ٽي آءِ چيئرمين۔وزيراعظم عمران خان، چيف آرگنائيزر سيف الله خان نيازي، نعيم الحق، امان الله خان ۽ ٻي پارٽي قيادت جو ٿورائتو آھيان جن کيس سکر ريجن جو ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو آھي پارٽي قيادت طرفان کيس ڏنل ذميواري کي فرض سمجهندي ڀرپور ادا ڪندس. جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو آھي ته سکر ريجن سميت سنڌ ۾ پي ٽي آءِ جي مقبوليت ۾ اضافو ٿيو آھي ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ پي ٽي آءِ ميدان ماريندي ڪارڪن عمران خان جي ويزن کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندا. ربنواز ڪلوڙ چيو ته سنڌ جي عوام کي لٽيرن کان نجات ڏياري سنڌ جي عوام کي رليف ڏياريو ويندو.










