سيڪريٽري پنجاب اسيمبلي پاران اجلاس گهرائڻ جي حڪم تي عمل ڪرڻ کان انڪار

سيڪريٽري پنجاب اسيمبلي پاران اجلاس گهرائڻ جي حڪم تي عمل ڪرڻ کان انڪار

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ ۽ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي نوٽيفڪيشن تي تڪرار شدت اختيار ڪري ويو آهي. ذريعن موجب سيڪريٽري اسيمبلي پنجاب اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ بابت ڊپٽي اسپيڪر جو حڪم مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. اسيمبلي سيڪريٽري جي ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس جو نوٽيفڪيشن 16 اپريل تي جاري آهي، ان تي غور ڪيو ويندو، اسيمبلي جي ذريعن ٻڌايو ته اجلاس ڪڏهن به سادو ڪاغذ تي نه گهرايو ويو، اجلاس گهرائڻ لاءِ گزٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻو پوندو.ياد رهي ته پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري ان کان اڳ اجلاس 6 اپريل تي طلب ڪرڻ جو بيان جاري ڪيو هو جنهن بعد رات دير سان ٿيندڙ اجلاس جي تاريخ تبديل ڪري 6 اپريل ڪئي هئي. مسلم ليگ (ق) ڊپٽي اسپيڪر پنجاب اسيمبلي جو اجلاس 6 اپريل تي سڏائڻ واري فيصلي کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو