اوٻاوڙو (غلام علي رند) سيپڪو عملي جي لاپرواهي سبب يتيم جي مينهن بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب موقعي تي دم ڏيئي ڇڏيو. ٿهيم محلا ۾ بجلي جون تارون هيٺ ھجڻ ڪري غريب خاندان جي هڪ ڀلوڙ مينهن جيڪا ٻن لکن ۾ خريد ڪئي وئي هئي ۽ گهر جو گذر سفر هن مينهن جي کير وڪرو ڪرڻ تي هيو جيڪا سيپڪو عملي جي لاپرواهي ڪري تارن ۾ وچڙي مري وئي. گهر ڀاتين صحافين کي ٻڌايو ته اسان جو گذر سفر کسيو ويو آھي اعليٰ حڪام سيپڪو عملي خلاف نوٽس وٺي ڪارروائي ڪري اسان جي ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.










