مورو (مورائي اياز سولنگي) پ پ شھيد ڀٽو ۽ بروهي محلا جي رهواسين پاران سيپڪو انتظاميه جي ظلم ۽ ناجائزين خلاف ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري سيپڪو انجنيئر مورو جي آفيس اڳيان ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي. ريلي جي اڳواڻي ڊاڪٽر اصغر عالماڻي، فدا حسين چنڊ,عابد سولنگي, محمد لائق چانڊيو, حاجي خان سمون, زاهد ڀٽي, ياڻا عابد راجپوت, اسد لغاري, جگري ماڇي, عرس ماڇي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جتي هنن ميڊيا سان ڳالهئيندي چيو ته مورو شھر جي گچيرو روڊ بروهي محلا جي بجلي بند ڪري اتان جي رهواسين سان ظلم ڪيو آھي گهرن مسجدن مان پاڻي کٽي ويو آھي علائقي واسي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آھن,مورو شھر جي مختلف علائقن ۾ غيرقانوني ڪنيڪشن واپڊا ايس ڊي او جي سرپرستي ۾ ھلي رهيا آھن انهن لاء ڪو قانون ناهي ,اسان وٽ بل به موجود آھن پر پوء به واپڊا انتظاميا اسان کان رشوت طلب ڪري رهي آھي. هنن اعليٰ انتظاميه کي نوٽيس وٺي بجلي بحال ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.










