15 سيپٽمبر کان برسات جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ جو امڪان

15 سيپٽمبر کان برسات جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ جو امڪان

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي جولاءِ ۽ آگسٽ جيان سيپٽمبر ۾ به معمول کان وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي هلندڙ مهيني(سيپٽمبر 2022) ۾ موسم جي صورتحال بابت رپورٽ جاري ڪئي آهي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ سيپٽمبر جي مهيني دوران به مختلف علائقن ۾ معمول کان وڌيڪ برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب سيپٽمبر جي مهيني ۾ اتر، اوڀر ۽ اولهه پنجاب ۽ سنڌ ۾ برساتون معمول کان وڌيڪ جڏهن ته ڪشمير، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ معمول کان گهٽ وڌ ۽ گلگت بلتستان ۽ ۽ خيبرپختونخواهه جي اتر علائقن ۾ معمول جي برسات پئجي سگهي ٿي.سيپٽمبر ۾ ٿيندڙ تيز برساتون پنجاب، آزاد جمون ڪشمير ۽ خيبرپختونخواهه جي جابلو علائقن ۾ ٻوڏ جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. ان کان علاوه پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏن شهرن ۾ ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي پر ان جو امڪان تمام گهٽ آهي.برساتن سبب سيپٽمبر ۾ زراعت ۽ بجلي جي شعبن لاءِ وڏي تعداد ۾ پاڻي هوندو ۽ ان سان خريف جي فصلن تي مثبت اثر پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو