سيپيڪ بابت آمريڪي تنقيد رد، 23 لک ماڻهن کي روزگار ملندو، چين

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چين جي سفير يائوجنگ سيپيڪ بابت آمريڪي تنقيد ۽ الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته آمريڪا الزامن هڻڻ بدران ثبوت پيش ڪري. سيد مشاهد حسين سان گڏ پنجين سيپيڪ ميڊيا فورم کي خطاب ڪندي هن چيو ته آمريڪا کي جيڪڏهن پاڪستان جو ايترو خيال آهي ته روڪيل امداد بحال ڪري ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري. هن چيو ته سيپيڪ ۾ ڪا به ڪرپشن ناهي بيلٽ اينڊ روڊ کي دنيا جي 170 ملڪن جي حمايت حاصل آهي. ياد رهي آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي معاون ايلس جي ويلز چيو هو ته سيپيڪ مان رڳو چين کي فائدو آهي، پاڪستانين کي ملازمت به نالي ماتر ملي، ڳري شرح تي قرضن سبب پاڪستان کي ڊگهي مدت ۾ نقصان ئي نقصان آهي. سيپيڪ منصوبن ۾ ڪرپشن آهي هنن منصوبن سبب عمران خان جي سڌارن واري پروگرام کي سختنقصان رسندو. چيني سفير چيو ته 2013 ۾ جڏهن اسين توانائي جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيا هئاسين ان مهل آمريڪا ڪٿي هو؟. هن چيو ته هن وقت 20 سيپيڪ جا منصوبه هلي رهيا آهن جن ۾ 75 هزار پاڪستانين کي روزگار مليو آهي ۽ 2030 تائين 23 لک پاڪستانين کي روزگار ملندو. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ انفرا اسٽرڪچر ۽ توانائي جي منصوبن تي ڪم ٿيو ۽ ٻئي مرحلي ۾ صنعتي زون قائم ٿيندا. هن چيو ته بجلي جي مهانگي فراهمي جو تاثر به غلط آهي ڇو ته دنيا ۾ چين جا جيڪي به منصوبه هلن ٿا انهن سڀني کان پاڪستان کي گهٽ قيمت تي بجلي فراهمي جو معاهدو ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو