سيٺارجا ۾ ڪارنهن جي الزام هيٺ شادي شده عورت قتل

سيٺارجا ۾ ڪارنهن جي الزام هيٺ شادي شده عورت قتل

سيٺارجا(ن س)سيٺارجا ڀرسان ڪارنهن جي الزام هيٺ شادي شده عورت قتل سرڪاري مدعيت ۾ مڙس سميت ٽن جوابدارن مٿان ڪيس داخل،تفصيل موجب # سيٺارجا ٿاڻي جي حد يوسي محسن شاھ جي ڳوٺ ننگر خان لنڊ ۾ ڪارنهن جي الزام هيٺ جوابدار غلام حيدر لنڊ پنهنجي ساٿين غلام نبي لنڊ ۽ ميهر دستي سان گڏ پنهنجي 35 سالا گھرواري مسمات جميلا لنڊ کي دستي برادري جي نوجوان الهوسايو عرف ورو دستي سان ناجائز تعلقات رکڻ سبب ڪارنهن جي الزام هيٺ رائفل جا فائر ڪري موقعي تي قتل ڪري ڇڏيو اطلاع ملڻ تي سيٺارجا پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي تعلقا اسپتال ٺري ميرواهه منتقل ڪري واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي جڏهن ته جوابدار رائفل سميت فرار ٿي ويا آهن ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او سيٺارجا محمد بچل قاضي ٻڌايو ته هڪ هفتو اڳ مقتولا الهوسايو عرف ورو دستي سان گهران نڪري وئي هئي جيڪا ميهر دستي مقتولا جي مڙس جوابدار غلام حيدر لنڊ کي واپس ڪري ڏني هئي جنهن بعد جوابدار غلام حيدر لنڊ جوابدار غلام نبي لنڊ ۽ جوابدار ميهر دستي پاران عورت کي ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ڪرڻ جو منصوبو جوڙي کيس قتل ڪري ڇڏيو آهي جيڪي موقعي تان فرار ٿي ويا آهن هن چيو ته عورت جا وارث ڪيس داخل ڪرائڻ جي حق ۾ نه هجڻ ڪري ڪيس سرڪاري مدعيت ۾ ٽن جوابدار هر هڪ نالي غلام نبي ولد محمد شريف لنڊ، غلام حيدر ولد جان محمد لنڊ ۽ ميهر حسين ولد محمد سومر دستي مٿان عورت کي ڪارنهن جي الزام هيٺ بيدردي سان قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي هن وڌيڪ چيو ته مقتولا جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي ۽ تمام جلد قتل ۾ ملوث ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري کين سخت کان سخت سزا ڏني ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو