اوٻاوڙو (غلام علي رند) ريتي لڳ گلاب چوڪ وٽ سيهڙ واھ ۽ ريڻي ڪئنال مان ڏينهن ڏٺي جو سرعام پاڻي چوري، چانڊيا موري چوڪي انچارج ۽ گلاب چوڪ چوڪي انچارج پوليس اهلڪار آبادگارن کان رشوت وٺي سيهڙ واھ، الهيار شاخ ۽ ريڻي ڪئنال مان پاڻي ڪڍرائي رشوت وٺڻ جا ڊان بڻجي چڪا آهن. آبادگارن جو چوڻ آھي ته اسان کان گلاب چوڪ چوڪي انچارج ۽ چانڊيو موري چوڪي انچارج هر لفٽ واري ٽريڪٽر کان 25 گهنٽن جا پنج هزار کان ڏھ ھزار رشوت وٺن ٿا. ڪمشنر سکر شفيق احمد مهيسر، ڊي سي گهوٽڪي، ڊائريڪٽر ايريگيشن، ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ڊي ايس پي اوٻاوڙو کي گهرجي ته چانڊيو چوڪي انچارج ۽ گلاب چوڪ چوڪي انچارج پوليس اهلڪارن ۽ پاڻي چورن خلاف ڪارروائي ڪري قانون جو حق ادا ڪيو وڃي.










