سينيٽ ۾ پرويز مشرف جي ايثال ثواب لاءِ دعا گهرڻ تان جهيڙو

سينيٽ ۾ پرويز مشرف جي ايثال ثواب لاءِ دعا گهرڻ تان جهيڙو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) سينيٽ اجلاس دوران اڳوڻي صدر جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف جي روح جي ايثال ثواب لاءِ دعا ڪرڻ تان جهيڙو ٿي پيو.سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ جماعت اسلامي ۽ حڪومتي سينيٽرز پرويز مشرف لاءِ دعا ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.سينيٽ چيئرمين چيو ته پرويز مشرف پاڪستان جي اڳوڻو صدر هو، حڪومت نٿي چوي ته سندس لاءِ دعا نه ڪنداسين.تحريڪ انصاف جي شهزاد وسيم چيو ته ڪير ڪري نه ڪري هو پرويز مشرف لاءِ دعا گهرندو، جنهن وڻي ان شامل ٿئي، پرويز مشرف هڪ غلطي ڪئي جو هُن ٻن پارٽين کي اين آر او ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو