سينيٽ ۽ اسيمبلي ۾ نون اپوزيشن ليڊرن جي مقرري روڪڻ جو حڪم

سينيٽ ۽ اسيمبلي ۾ نون اپوزيشن ليڊرن جي مقرري روڪڻ جو حڪم

پشاور: (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ نئين اپوزيشن اڳواڻ جي مقرري کي روڪڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ارشد علي ۽ جسٽس خورشيد اقبال تي ٻڌل 2 رڪني بينچ عمر ايوب ۽ شبلي فراز کي اليڪشن ڪميشن طرفان ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين کي ٻنهي ايوانن ۾ نئين اپوزيشن جي مقرري کان روڪي ڇڏيو.عدالت اليڪشن ڪميشن کي عمر ايوب ۽ شبلي فراز خلاف وڌيڪ ڪارروائي کان به روڪي ڇڏيو جڏهن ته درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي 15 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وئي.ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ دهشتگردي جي انت واري عدالت 9 مئي ڪيسز ۾ عمر ايوب ۽ شبلي فراز کي سزا ٻڌائي هئي جنهن کان پوءِ ٻئي ميمبر نااهل ٿي ويا هئا. اليڪشن ڪميشن طرفان ٻنهي اڳواڻن کي نااهل قرار ڏيڻ کان پوءِ پي ٽي آءِ ٻنهي ايوانن ۾ اپوزيشن اڳواڻ جي سيٽ کان محروم ٿي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو