اسلام آباد (بيورو) سينيٽ جي پيٽروليم بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ مصدق ملڪ ۽ سينيٽر سيف الله ابڙو وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي.اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ سينيٽر سيف الله ابڙو پاڪستان جي ايل اين جي مسعود نبي کان سوال ڪيو ته گذريل حڪومت ۾ ايل اين جي سستي هئي، ڇا انهن ٽوڪن خريد نه ڪئي هئي؟ان تي مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو ته توهان مون کان پڇو، سيف الله ابڙو جواب ڏنو ته اچو ته لاڳاپيل آفيسر کان پڇو، مملڪتي وزير به ڪميٽي ۾ نٿو ويهي سگهي.مصدق ملڪ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته مان ڪميٽي ۾ نه ٿو ويهي سگهان ته مون کي ڇو سڏيو ويو، منهنجي بي عزتي نه ڪئي وئي ته ڇڏي ڏيندس.مصدق ملڪ جي ڪاوڙ تي چيئرمين رابطا ڪميٽي چيو ته اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي، توهان رهو.










