سينيٽ جي چونڊ، پي پي اميدوارن جا ڪاغذ جمع

سينيٽ جي چونڊ، پي پي اميدوارن جا ڪاغذ جمع

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سينيٽ چونڊن لاءِ سياسي پارٽيز جَي نامزد ٿيل اُميدوارن طرفان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو سلسلو جاري، اسلام آباد، ڪراچي، لاهور، ڪوئيٽا ۽ پشاور ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا پيا وڃن، پ پ طرفان سينيٽ چونڊن لاءِ سنڌ ۾ نامزد ٿيل اُميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا، پ اُميدوار سليم مانڊوي والا، فاروق ايڇ نائڪ، شيري رحمان ۽ صادق علي ميمڻ طرفان نامزدگي ڪاغذ جمع، ڪراچي ۾ صوبائي اليڪشن ڪميشن جي آفيس ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ وقت وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ ٻيا صوبائي وزير به پ پ اُميدوارن سان گڏ هئا، نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ بعد سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته نالائق حڪمرانن عوام جو جيئڻ عذاب ڪري ڇڏيو آهي، هڪ ڀيرو ٻيهر بجلي مهانگي ڪري عوام تي گوليباري جو سلسلو جاري رکيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو